SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


نار جي جنگ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


نار جي جنگ

Gulf War

گلف وار

1990ع ۾ ڪوويت ۽ عراق جي وچ ۾ عراقي تيل جي ڪوويتي علائقي ۾ ”کوٽائي ذريعي ٿيندڙ چوري“ ڪرڻ واري معاملي ۽ سرحد تي فوجي ٺڪاڻا ٺاهڻ تي اڻبڻت شروع ٿي. عراق طرفان ڪوويت تي الزام هنيو ويو ته ڪوويت سندس 2.4 بلين ڊالر جي ماليت جو پئٽرول چوري ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ عراق طرفان ڪوويت تي تيل جي قيمتن ۾ عدم استحڪام جو به آروپ (الزام) لاڳو ڪيو ويو. اهي بهانا گهڙي ۽ بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي، عراق 2 آگسٽ 1990ع تي ڪوويت تي قبضو ڪيو. گڏيل قومن جي اداري سلامتي ڪائونسل عراق جي انهيءَ اڳرائيءَ جو نوٽيس وٺندي، 6 - آگسٽ 1990ع تي عراق مٿان اقتصادي پابنديون لاڳو ڪيون، پر عراق پوءِ به ڪوويت کي خالي نه ڪيو. آخرڪار 29 نومبر 1990ع تي سلامتي ڪائونسل 16 جنوري 1991ع کان اڳ عراق کي ڪوويت خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾، گڏيل قومن جي سهڪار سان طاقت جي استعمال جو چتاءُ ڏنو پر عراق ان چتاءَ کي به رد ڪري ڇڏيو. نيٺ 17 جنوري 1991ع تي آمريڪا، برطانيه ۽ فرانس جي فوجي سربراهيءَ ۾ دنيا جي 30 ملڪن عراق تي حملي جي شروعات ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ عراق کي زبردست شڪست ملي ۽ آخرڪار 26 فيبروري 1991ع ۾ عراق ڪوويت مان پنهنجون فوجون ڪڍيون. 28 فيبروري 1991ع تي صدر جارج بُش سينيئر جي حڪمن تحت هن جنگ جي پُڄاڻي ٿي


Remember Me Also:

وانجهه

وانجههُ جمع وانجههَ (ڪ)

ذ . ڊگهو ڪاٺ. ٻيڙي وارن وٽ ڪم ايندڙ ڪاٺي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal